ٽانوري خالق ڏنو وڪيل

ٽانوري خالق ڏنو وڪيل: خالق ڏنو ٽانوري 20 فيبروري 1923ع ۾ شڪارپور ۾ رازق ڏني ٽانوري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. بي. اي ڪرڻ کان پوءِ ايل. ايل. بي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري وڪالت شروع ڪيائين. 1936ع کان والي بال راند شروع ڪيائين. ڪاليج طرفان روهڙي جي ٽورنامينٽ ۾ وچ نيٽ تي کيڏي ڪاميابي حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ استاد ٺارل جي ٽيم ۾ شامل ٿيو ۽ آخر تائين ان جو ساٿي رهيو. استاد ٺارل راند ڇڏي ته هن به راند ڇڏي ڏني.
خالق ڏنو ٽانوري استاد ٺارل کوکر جي کاٻي فيلڊ تي راند ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس راند حرفت واري هوندي هئي ۽ گهڻو ڪري سامهون واري ليڪ چُٽڻ ۾ ماهر هو. اڪثر جمپ ڏيئي ٻه- هٿڙا اسٽروڪ بي ڌڙڪ هڻندو هو. ڪڏهن به بال آسان ڪري مخالف ٽيم ڏانهن نه موڪليندو هو. هو هر بال جي اسٽروڪ ۾ اهڙي حرڪت ڪري موڪليندو جو اڳيون رانديگر فائول ڪري ويهندو هو. سنڌ ۾ اهڙا ڪيئي اعليءَ درجي جا رانديگر گذريا آهن، جن کي جيڪڏهن ملڪي سطح تي کيڏڻ جو موقعو ملي ها ته وڏو نالو ڪن ها، پر افسوس جو کين قومي سطح تي آڻڻ لاءِ ڪا به ڪوشش نه ڪئي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.02.20  عيسوي

خالق ڏنو ٽانوري 20 فيبروري 1923ع ۾ شڪارپور ۾ رازق ڏني ٽانوري جي گهر ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلقيس ايڌي
آنند ٽهلراماڻي
رئيس امروهوي
پير آغا عبدالرحيم رح
آفتاب احمد شيخ
پرشوتم ڀڳوانداس
ڀٽ برڌ واگهه
پرسواڻي سلامت راءِ
ابڙو شيخ ھالاڻي
ضيا سرحدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون